اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت کي وڏن فيصلن جو اختيار گذريل حڪومت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ڏئي وئي آهي، عالمي معاهدن تي عملدرآمد ڪرائڻ به اسان جي ذميوارين ۾ شامل آهي، اهو فيصلو عوام ڪندي ته اها ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي پارٽي کي چونڊي ٿي، پاڪستان تحريڪ انصاف رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي، ان تي ڪا پابندي نه آهي، ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه آهي، حالتون تمام سٺيون آهن، ڪابه بيقراري نظر نه اچي رهي آهي، اسان اهڙيُون چُونڊُون چاهيون ٿا جنهن کي سڀ تسليم ڪن، آئين تحت اليڪشن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي چونڊيل نمائندا هلائيندا، ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ابهام نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته قانون واري نگران وفاقي وزير جي صدر سان ملاقات معمول جو حصو هئي. هن چيو ته صاف، شفاف، غيرجانبدراڻيون چونڊون منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان به اليڪشن ڪميشن ئي ڪندي. آئين تحت چونڊون آخري آدمشماري تحت منعقد ٿيڻيون آهن، آخري آدمشماري 2023ع جي آهي جنهن تحت تڪبنديون ضروري آهن، تڪبندين تي اليڪشن ڪميشن شيڊيول جاري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته تڪبندين جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سمورين سياسي پارٽين کي 54 ڏينهن اليڪشن مهم جي لاءِ پڻ ڏيڻا پوندا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ تياري ڪري رهيا آهيون، چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل تعاون ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده نگران حڪومت ذميوار، قانوني ۽ آئيني حڪومت آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اسان سمورين سياسي پارٽين سان لاڳاپا بهتر رکون، اسان اهڙيُون چُونڊُون چاهيون ٿا جنهن کي سڀ تسليم ڪن. هن چيو ته نگران حڪومت جي مدي جو تعين آئين، قانون ۽ آئيني ادارا ڪن ٿا، نئين پارليامينٽ چونڊبي ته اسان قوم جي امانت ملڪ جي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪري هليا وينداسين. هن چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، ان ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ابهام نه آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جو تصور به پارليامينٽ ڏنو آهي. هڪ سوال تي هن چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري تمام وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، ان کي اظهار راءِ جو پورو حق حاصل آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي، ان تي ڪا پابندي نه آهي، ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه آهي، حالتون تمام سٺيون آهن، ڪابه بيقراري نظر نه اچي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته اهو فيصلو عوام جو هوندو ته اها ڪهڙي پارٽي کي چونڊي ٿي. هن چيو ته گذريل حڪومت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ڪري ڪجهه وڏن فيصلن جو اختيار نگران حڪومت کي ڏنو، عالمي معاهدن تي عملدرآمد ڪرائڻ به اسان جي ذميوارين ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين حڪومت کي ڏئي وڃون.