ميانوالي – 14 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ارب 48 ڪروڙ ڊالر ماليت جي 1200 ميگاواٽ جي چشما – 5 منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو جيڪو 7 کان 8 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، 30 جون 2023ع تي وزيراعظم جي موجودگي ۾ چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪوآپريشن اوورسيز لميٽيڊ (سي اين او ايس) ۽ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون هيون. پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جا مخالف هر طرف اهي افواهون پکيڙي رهيا هئا ته پاڪستان ڪنگال ٿي رهيو آهي پر اسان رڳو 15 مهينن ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو، حڪومتي ٽيم جي ڪوششن سان ملڪ جي ڏيوالپڻي ٿيڻ جو خطرو مڪمل طور تي ٽري ويو آهي، صاف سٿري ۽ سستي توانائي جي ذريعن جي ملڪي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منصوبي کي مقرر وقت کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي، اهو منصوبو هڪ تمام وڏو سنگ ميل ۽ ٻن عظيم دوست ملڪن چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي علامت آهي جنهن سان ملڪ کي صاف، موثر ۽ نسبتن سستي توانائي جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن جي وقفي کانپوءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي تي ڪم هڪ ڀيرو ٻيهر زورن تي آهي. هن چيو ته چشما – 5 جي معاهدي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جو ڪريڊٽ اتحادي حڪومت ۽ ايس ڊي پي جو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پروگرام جي ڪجهه ڏينهن اڳ منظوري ڏني وئي ۽ 48 ڪلاڪن جي اندر پاڪستان جي ڀائر ملڪن سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات پاران اٽڪل ساڍا چار ارب ڊالر کانسواءِ آءِ ايم ايف کان هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر منتقل ٿيا، چار مهينا اڳ چيني حڪومت ۽ ڪمرشل بئنڪن پاڪستان کي 5 ارب ڊالر جي رقم واپس موڪلي. وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان کي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت ۽ ان جي سنجيده ڪوششن جي نتيجي ۾ چيني ڪمپني منصوبي جي لاڳت کي 18 – 2017ع ۾ ان وقت جي مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ طئي ٿيل سطح تي رکيو ۽ ان ۾ سراسري 10 سيڪڙو مهانگائي سان لاڳت ۾ اضافو شامل نه ڪيو جڏهن ته ان کانسواءِ ان جي درخواست تي پاڪستان کي 30 ارب رپين جو ڊسڪائونٽ پڻ ڏنو جيڪو ٻين ملڪن جي وچ ۾ خلوص جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چنگ سو چيو ته چشما – 5 پاڪستان کي گهٽ ڪاربن، صاف ۽ سستي توانائي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو جنهن سان مقامي سطح تي نوڪريون پيدا ٿينديون. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪوآپريشن جي چيئرمين يوجيان فنگ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون هر موسم جي تزويراتي تعاون تي ٻڌل حصيداري جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهي. سي فائو منصوبو ايڇ پي آر 1000 ترقي جي عالمي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر راجا علي رضا انور چيو ته چشما -5 جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. چشما – 5 منصوبي جي حوالي سان وزيراعظم جي خصوصي هدايت هئي ۽ ان کانسواءِ ان جي شروعات ممڪن نه هئي، ان جي لاءِ وفاقي وزيرن سميت سمورن عملدارن ڀرپور تعاون ڪيو. چشما – 5 پاڪستان جو بجيل پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو ائٽمي توانائي جو منصوبو آهي جيڪو انتهائي ماحول دوست آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان قومي گرڊ ۾ وڌيڪ 1200 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيندو، نيوڪليئر پاور پلانٽس ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن. ان موقعي تي ڊي جي آءِ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آئي اي اي اي) رافيل ماريانو گروسي پاران مختصر پيغام پڻ ٻڌايو ويو جنهن ۾ هن وزيراعظم کي چشما – 5 جي پيرهه جو پٿر رکڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ آئي اي اي اي پاران تعميري رابطو جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي. چيني وفد جي سربراهه پنگ چنگ شوئي پڻ خطاب ڪيو. چيئرمين چائنا نيوڪليئر ڪميشن وزيراعظم کي سوونيئر پيش ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان ۽ چيئرمين پاڪستان اٽامڪ انرجي ايجنسي ڊاڪٽر راجا علي رضا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي منصوبن جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري وئي.