اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مشڪل معاشي صورتحال ۾ ڌرين جي ذميواري اهي ته پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍن، سياستدان گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن ته جيئن معاشي پاليسيون ۽ چونڊن جي صورتحال واضح ٿي سگهي، معيشت ۾ بهتري جي لاءِ لازمي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي گرمي پد گهٽ ٿيڻ گهرجي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿيڻ گهرجي، عمران خان ۽ موجوده فوجي قيادت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي رهيو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. صدر چيو ته سياسي پارٽين سميت سموريون ڌريون اختلاف نظرانداز ڪري ڳالهه ٻولهه جي شروعات نه ڪئي ته معاشي حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون، ملڪ جي سياسي گرمي پد کي گهٽ ڪرڻ لازمي آهي ۽ اهو ته هو ان مقصد جي لاءِ سمورين ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جي آڇ ڪري ٿو. صدر چيو ته هي چونڊن جو سال آهي، چونڊون ٿيڻ گهرجن، اهي (سياسي پارٽيون) پاڻ ۾ طئي ڪري وٺن ته چونڊون جلد يا دير سان ٿينديون، جيڪڏهن ڪجهه مهينن ۾ چونڊن جي اڳتي پٺتي ٿيڻ جو فرق آهي ته اهو به ڳالهه ٻولهه ذريعي طئي ڪري وٺن ته جيئن معيشت ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ٿي سگهي. هن چيو ته اهو ڊائيلاگ عام چونڊن کان اڳ ٿيڻ ضروري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته منهنجي انهن کي به آڇ آهي ته گڏجي ويهڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ سياسي پارٽيون ئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري وٺن، ان کانپوءِ پارٽيز جا وڏا ماڻهو به ملي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان جي ملڪ ۾ فيصلو ڪندڙ ماڻهو سوشل ميڊيا کي صحيح طريقي سان هينڊل نه ڪري رهيا آهن، انهن کي ان کي بهتر انداز ۾ هينڊل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي بطور صدر پاڪستان آئيني ذميواري آهي ته فيڊريشن کي گڏ ڪريان. صدر چيو ته ساڻس ٿيندڙ مشاورت ۾ عمران خان جنرل عاصم منير کي بطور آرمي چيف نامزدگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو جڏهن ته هن چيو ته هو عمران خان ۽ موجوده فوجي قيادت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي رهيو آهي. صدر چيو ته ڪرپشن جا الزام هڻڻ جي صورت ۾ غيرسياسي، غيرجانبدار ۽ بااختيار اداري جي ذريعي جاچ ٿيڻ گهرجي، منهنجي اها راءِ آهي ته ڪرپشن جي سمورن الزامن جي غيرسياسي جاچ صحيح قدم آهي. ملڪ ۾ گذريل ڪجهه عرصي کان جاري آڊيو، وڊيو ليڪس جهڙن اسڪينڊلز بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته آئون ان معاملي تي پارليامينٽ ۾ ٻه ڀيرا تقرير ڪري چڪو آهيان ۽ مون اهو ئي چيو آهي ته اهو اخلاقيات جي خلاف آهي، اسلام موجب ۽ عوامي قدرن جي لحاظ کان به ذاتي ڳالهه ٻولهه جو ٻاهر نڪرڻ ناقابل قبول آهي، اهو انهي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته دهشتگردي يا تمام گهڻو ڏوهاري ڪم هجي. هن چيو ته هڪ اهڙو ادارو ضرور قائم ٿيڻ گهرجي جيڪو انهن معاملن جي نگراني ڪري سگهي. ملڪي معاشي صورتحال بابت ڳالهه ڪندي هن چيو ته موجوده حڪومت هن مشڪل دور ۾ في الحال معاشي بقا جي لاءِ پاليسيون ٺاهي رهي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کانپوءِ شروع ٿيندڙ اهو بحران يوڪرين جي جنگ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ عدم استحڪام سان وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو ويو جڏهن ته ٻوڏ معيشت کي بدتر ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جڏهن به سياسي تبديلي ايندي آهي ۽ چونڊن جو وقت ويجهو هوندو آهي ته ڪجهه سياسي عدم استحڪام رهندو آهي، آئون سياستدانن کي چئي رهيو آهيان ته گڏجي ويهن ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن ته جيئن معاشي حڪمت عملي ۽ چونڊن جي صورتحال واضح ٿي سگهي. صدر چيو ته موجوده حڪومت جي معاشي پاليسيون في الحال معاشي بقا جي لاءِ آهن، آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ آئون محسوس ڪريان ٿو ته آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين جي دورن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته معيشت ۾ بهتري جي لاءِ لازمي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي گرمي پد گهٽ ٿيڻ گهرجي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿيڻ گهرجي. هن ملڪ جي معيشت جي موجوده صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته اها سمورين ڌرين جي ذميواري آهي ته پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍن، جمهوريت ۾ اختلاف رهندا آهن پر ٻڏندڙ ٻيڙي کي پاڻي مان ڪڍڻ ضروري ٿي ويو آهي.