اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون چاهيان ٿو ته اسان جا پاڪستاني نوجوان ٽوڪيو اولمپڪس 2020ع جي عورتن جي ڊوڙ جي وڊيو ڏسن ۽ ان مان اهو اهم ترين سبق حاصل ڪن جيڪو راند مون کي سيکاريو آهي ته ”توهان هارايو تڏهن ٿا جڏهن توهان ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏيو ٿا.“ وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ سان گڏ اولمپڪس مقابلن ۾ عورتن جي ڊوڙ جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ عورت ايٿليٽ ڊوڙندي ڪري پوڻ کانپوءِ اٿي ٻيهر مقابلي ۾ شريڪ ٿي مقابلو جاري رکي ٿي ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي.