اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڳالهين ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت وزيراعظم عمران خان جڏهن ته افغانستان جي وفد جي قيادت افغان صدر اشرف غني ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه ٻولهه تاشقند ۾ ”سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا 2021ع: ريجنل ڪنيڪٽيوٽي: چئلينجز اينڊ اپرچونيٽيز“ منعقد ڪرڻ جي موقعي تي ٿي رهي آهي.