اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جو ڏينهن پري نه آهي، اسان اهو ڏينهن ضرور ڏسنداسين، غيرقانوني ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميري عوام جي جدوجهد منصفاڻي ۽ بي لوث آهي. ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي سلام پيش ڪريان ٿو، 13 جولاءِ 1931ع جي شهيدن جي روح کي انهن جي جانشين زندهه رکيو، عالمي برادري جي تسليم ٿيل خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪشمير جي بهادرن جي آزادي جي لاءِ جدوجهد اڃا به جاري آهي. ڪشميري عوام جي غيرقانوني ڀارتي قبضي جي خلاف جنگ منصفاڻي ۽ بي لوث آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي تائين سفارتي، سياسي ۽ قانوني مدد فراهم ڪندو رهندو. آزادي جو ڏينهن پري نه آهي، انشاءَ الله اسان ضرور ڏسنداسين.