APP52-130721 ISLAMABAD: July 13 - Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain briefing the media persons about the decisions taken in the Federal Cabinet meeting. APP photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو پاڪستان غور سان جائزو وٺي رهيو آهي، اسان جو موقف تمام واضح آهي ته اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي برادري جي مدد گهربل آهي، افغان گروپن سان اسان جو رابطو آهي ۽ افغانستان ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پوري دنيا ڏسي رهي آهي، عالمي برادري افغان پناهگيرن جي مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏي، اسان جي ڪوشش آهي ته افعانستان ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين جنهن سان افغان رهواسين کي ٻيهر لڏپلاڻ ڪرڻي پوي، وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي حوالي سان ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ تنظيم تي پابندي جو فيصلو برقرار رکيو آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سعودي عرب مان 85 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي، چونڊ سڌارن جي حوالي سان مخالف ڌر سان ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، گذريل ڏينهن 5 لک 25 هزار ڪوويڊ جون ڊوز لڳايون ويون، هيستائين 2 ڪروڙ پاڪستانين جي ويڪسي نيشن ٿي چڪي آهي، عوام کي اپيل آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، وفاقي ڪابينا عيدالاضحيٰ تي ٽن موڪلن جي منظوري ۽ پاڪ فوج جي لاءِ جاري بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس 2021ع ڏيڻ جي منظوري ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ تي ڪشمير جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. 13 جولاءِ 1931ع تي ڪشميرين کي ان ڳالهه تي شهيد ڪيو ويو هو ته اهي حق ۽ بي باڪي جي لاءِ بيٺل رهيا. اڄ وفاقي ڪابينا ۽ قوم انهن ڪشميري نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته اليڪٽورل ريفارمز جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، مخالف ڌر سان ڪيترين ئي شين تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جن تي اتفاق نه آهي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون انهن تي به اتفاق ٿي وڃي، اي وي ايم مشين ۾ اسان جو مقصد چونڊن کي شفاف بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سعودي حڪومت پاران وڌيڪ 85 قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي. انهن قيدين کي واپس آڻڻ جي لاءِ خصوصي جهاز موڪليو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري دوران اعلان ڪيو هو ته اسان انهن قيدين کي آزاد ڪنداسين. هن چيو ته قيدين جي آزادي جو عمل مسلسل هلي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پوري دنيا مان سوين قيدين آزاد ٿيا، ٻاهرئين ملڪ جيڪو پورهيت طبقو جيلن ۾ آهي انهن جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي. جيڪي قيدي سنگين ڏوهن م ملوث نه آهن انهن کي واپس آڻڻ جو ڪم ڪافي تيزي سان جاري آهي. اميد آهي ته وڌيڪ پاڪستاني جلد پاڪستان واپس اچي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل ڪوويڊ جي ڦهلاءُ ۽ ويڪسي نيشن جي صورتحال تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن 5 لک 25 هزار ڪوويڊ جون ڊوز لڳايو ويون ۽ هيستائين 2 ڪروڙ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. سڀاڻي ان حوالي سان اين سي او سي هڪ ٺوس رپورٽ پڻ ڏيندي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪوويڊ جا ڪيسز وڌيا آهن، پنجاب ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، اهو ضروري آهي ته احتياطي قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 20 کان 22 جولاءِ تائين ٽي ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موڪلن جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا جي اهم شخصيتن بشمول وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن، ججن، سرڪاري ملازمن ۽ ٻين ماڻهن جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي استعمال هيٺ پروٽوڪول جي صورتحال پيش ڪئي وئي. ڪابينا کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پروٽوڪول اپوزيشن ۽ اڳوڻن بيوروڪريٽس وٽ آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايندڙ هفتي هڪ ٺوس رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول کي ريشنلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس پلان پيش ڪيو وڃي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته مون سون وڻڪاري جي حوالي سان حڪومت ازي مون سون وڻڪاري دوران ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي مهم شروع ڪندي. ان حوالي سان سمورن صوبن ۾ ڀرپور وڻڪاري مهم هلائي ويندي. وزيراعظم سمورن وزيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان 50 ڪروڙ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته ڪابينا کي نوشهره ۾ ريلوي جي زمين تي گهڻ منزلا عمارت جي تعمير جي معاملي تي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا هدايت ڪئي ته ڄاڻايل زمين جو نيشنل ايسٽ مئنيجمينٽ ڪمپني ذريعي بهتر انتظام يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪابينا کي وفاقي گادي واري شهر جي سيڪيٽر اي ايٽ ۽ اي نائن ۾ قبضن کي هٽائڻ ۽ گرين ايرياز جي بحالي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان تي تمام گهڻي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته 1960ع کان 2010ع تائين اسلام آباد جي شهر جي ماپي ۾ جيترو اضافو ٿيو آهي ايترو ئي اضافو 2010ع کان 2020ع دوران ٿيو. هن چيو ته ان جي نتيجي ۾ گرين ايرياز ۾ قبضا وڌيا آهن، اسلام آباد ۾ آبادي جو دٻاءُ به وڌيڪ ٿيو آهي. نيوي ۽ ايئر فورس کي چيو ويو آهي ته اهي گرين ايرياز تان پنهنجون ديوارون پٺتي هٽائين، انهن ان تي عمل شروع به ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد کي قبضن کان پاڪ شهر بڻائڻ جي لاءِ سي ڊي اي چيئرمين کي هدايت ڪئي وئي اهي ته هو ان تي مڪمل عملدرآمد ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي مصنوعات جو تحفظ ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا ڪامرس واري وزارت پاان نشاندهي ڪيل ڪجهه زرعي ۽ غيرزرعي مصنوعات جي جيوگرافيڪل انڊيڪيشن (رجسٽريشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2020ع تحت رجسٽريشن جي منظوري ڏني. ان فهرست ۾ انهن ادارن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي جن انهن مصنوعات کي جيوگرافيڪل انڊيڪيسن قانون تحت رجسٽر ڪرايو آهي. اهي ادارا انهن مصنوعات جي حوالي سان سمورا ضروري تفصيل رکندا جن ۾ انهن مصنوعات جي خاصيتن، انهن جي پيداوار جي طريقيڪار، پيدا ٿيندڙ علائقن جا تفصيل ۽ مصنوعات بابت ٻيا تفصيل لکيل هوندا. انهن قدمن جو مقصد پاڪستان جي مخصوص مصنوعات جي سڃاڻپ برقرار رکڻ ۽ انهن جو تحفظ آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪراچي شپ يارڊ انجنيئرنگ ورڪس کي فرسٽ رائٽ آف ريفيوزل ڏيڻ جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي. ڪابينا پاڪ فوج جي لاءِ جاري بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس 2021ع ڏيڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته ٻن سالن کان فوج جي پگهارن ۾ ڪو اضافو ناهي ڪيو ويو. گذريل سال سول ۽ فوجي اهلڪارن جي پگهارن ۾ 10 سيڪرو اضافو ڪيو ويو هو. بعد ۾ سول ملازمن جي مطالبي تي انهن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو هو جڏهن ته فوج جي پگهارن ۾ اضافو نه ڪيو ويو هو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته رينجرز 7 ايف سي کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پولينڊ، آسٽريليا، فرانس، چيڪ ري پبلڪ، ٻڌاپسٽ ۽ ترڪيءَ مان ميوچل ليگل اسسٽنٽس جي حوالي سان ملندڙ درخواستن کي منظور ڪندي انهن درخواستن کي منظور ڪندي انهن درخواستن کي لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي درخواست تي ان جي خلاف سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل ڪيسن جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي لاءِ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم ٺاهڻ جي منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان نالي تنظيم پاران نظرثاني جي درخواست تي غور جي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي جي رپورٽ وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪئي وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي پاران پنجاب حڪومت ۽ تنظيم جي موقف کي ٻڌڻ ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇان ڪرڻ کانپوءِ ڪميٽي ان نتيجي تي پهتي آهي ته تنظيم تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ميرٽ ۽ حقيقتن تي ڪيو ويو هو. ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪابينا پابندي جو فيصلو برقرار رکيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا اقبال اڪيڊمي پاڪستان لاهور جي نائب صدر، خزانچي ۽ گورننگ بورڊ جي 5 ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏني. عارف نظامي نائب صدر، شوڪت امين شاهه خزانچي جڏهن ته ميمبرن ۾ وليد اقبال (پنجاب)، رئوف پاريخ (سنڌ)، محمد ايوب صابر (خيبرپختونخواهه)، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق (بلوچستان) ۽ پروفيسر فتح محمد (فيڊرل ايرياز) شامل آهن. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 49 دوائن جي ريٽيل پرائس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هي اهي دوائون آهن جيڪي پاڪستان نه ٺهي رهيون هيون، قانون تحت انهن جي شروعاتي قيمت وفاقي حڪومت کي مقرر ڪرڻي هوندي آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا محمد امجد خان کي اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جو سي اي او مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا آلٽرنيٽ انرجي ڊيولپمينٽ بورڊ ۽ پرائيويٽ پاور انفراسٽرڪچر بورڊ جي انضمام جي ڏس ۾ شاهه جهان مرزا (ايم ڊي پي پي آئي بي) کي اي اي ڊي بي جي سي اي او جي اضافي چارج ڏيڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا نيسپاڪ جي نئين ايم ڊي جي مقرري تائين ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت موجوده / رٽائر ٿيندڙ ايم ڊي کي پنهنجون ذميواريون جاري رکڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. منصوبابندي ۽ خاص قدمن واري وزارت جي ذميوارين جي حوالي سان رولز آف بزنس ۾ ضروري ترميم جي تجويز پڻ ڪابينا منظور ڪئي. وفاقي ڪابينا جاويد احمد صديقي کي پاڪستان ريلوي فريٽ ٽرانسپورٽيشن ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان گهري نظر رکي آهي، اڳ ۾ ئي 3 ملين جي لڳ ڀڳ افغان پناهگير هتي موجود آهن، دنيا کي گهرجي اها افغان پناهگيرن جي حوالي سان پاڪستان سان گڏ بيهي، ان مسئلي تي پاڪستان کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي. هن چيو ته جهڙي طريقي سان افغانستان ۾ حالتون خراب ٿي رهيون آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين جنهن جي ڪري افغان شهرين کي ٻيهر لڏپلاڻ ڪرڻي پوي. هن چيو ته ڪابينا هدايت ڪئي آهي ته لاڳاپيل وزارتون ان معاملي جي سنگيني جو احساس ڪندي ٺوس پاليسي جوڙين. هن چيو ته اسان کي پنهنجي گذريل تجربن مان سکڻ گهرجي ۽ هڪ ٺوس پاليسي ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي پوري ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن ٿئي، ان جي لاءِ عالمي مدد گهربل آهي، ان ۾ تعاون ٿيڻ گهرجي تڏهن ئي اسان افغانستان جي معاملي تي اڳتي وڌي سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جي 23 جون 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. لاهور ۾ سروسز هوٽل جي ريزرو پرائس هڪ ارب 95 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي، ان جي لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو آهي. سروسز هوتل نجڪاري جي لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي. ڪابينا جي قانونسازي بابت ڪميٽي جي 8 جولاءِ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي وئي. ڪابينا پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي معاهدي جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪشمير جي اليڪشن ۾ وزيراعظم پاڻ ويندو، پي ٽي آءِ جي لاءِ اها موزون اليڪشن هوندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو اليڪشن مهم کان مايوسي ٿي آمريڪا روانو ٿي چڪو آهي، انهن جا اميدوار ئي پورا نه آهن. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جو موقف تمام واضح آهي، اسان امن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، سمورن افغان گروپن سان اسان جو رابطو آهي. هن چيو ته تلخيون پيدا ڪرڻ آسان ۽ انهن کي حل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، پاڪستان جو ڪردار پوري دنيا ڏسي رهي آهي، اسان امن جي لاءِ بيٺل آهيون. هڪ سوال تي هن چيو ته هن وقت سعودي عرب مان قيدي آزاد ٿي وطن واپس اچي رهيا آهن، آمريڪا سان اسان جو اهڙو ڪو انتطام نه ٿيو.