اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آر يار پار ڪندڙ اڄڪلهه هر جڳهه تي اين آر او جي لاءِ خوار ٿي رهيا آهن، مريم صفدر نواز شريف جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي وارث آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪشمير جا ماڻهو انهن کان پڇي رهيا آهن ته جڏهن مودي بطور خاص مهمان سندن گهر شادي تي آيو هو ته ان وقت ڪشمير جي آزادي جي ڳالهه ڇو نه ڪئي.