
اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سينيٽر سرفراز احمد بگٽي ۽ سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ حڪومت جي ترقياتي پيڪيج جي معيشت ۽ عام ماڻهو جي زندگي تي مثبت اثرن ۽ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.