APP75-090721 ISLAMABAD: July 09 - Inspector General of Police Islamabad Mr. Qazi Jamil ur Rehman calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي اسلام آباد جي آءِ جي اسلام آباد ۾ جوڙي کي هراسان ڪرڻ ۽ حبس بيجا ۾ رکڻ جي واقعي جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري تي وڊيو واري معاملي جي جاچ کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان اسلام آباد جي آءِ جي قاضي جميل الرحمان اي اليون ٽو ۾ جوڙي کي هراسان ڪرڻ ۽ حبس بيجا جي واقعي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، هن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته جوابدارن جي گرفتاري کانپوءِ ڄاڻايل فوجداري ڪارروائي ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هو پاڻ ان ڪيس جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ڪيس ۾ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ سڀئي سائنٽيفڪ وسيلن کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي، ان کانسواءِ هن وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال تي به بريفنگ ڏني.