
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي سائبر سيڪيورٽي مضبوط بڻائڻ لاءِ موثر قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪي يونيورسٽيون مستقبل جي سلامتي بابت چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڀرندڙ جديد ٽيڪنالاجيز تي ڌيان ڏين، سٺي شهرت رکندڙ عالمي يونيورسٽين جي مهارت مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي. هو ايئر يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ايئر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ايئر مارشل (ر) جاويد احمد صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مختلف شعبن ۾ معياري تعليم جي فراهمي جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ فيڪلٽي جي سينئر ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ايئر يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب شاگردن کي معياري تعليم جي فراهمي کي ساراهيو. هن چيو ته دنيا جي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي سائبر سيڪيورٽي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آهي، ملڪي يونيورسٽيون مستقبل جي سلامتي بابت چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز تي ڌيان ڏين. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽيون انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ڪم ڪن، صدر بهترين شهرت رکندڙ عالمي يونيورسٽين جي مهارت مان فائدو کڻڻ لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته شاگردن جي فڪري صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تنقيدي سوچ ۽ تجرباني مهارت پيدا ڪرڻ گهڻي اهم آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي صدر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي برآمدات وڌائڻ جي لاءِ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.