APP57-070721 ISLAMABAD: July 07 - Chairman National Accountability Bureau (NAB) Justice (retired) Javed Iqbal called on Speaker National Assembly Asad Qaiser at Parliament House. APP

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت شفافيت ۽ احتساب جي فروغ تي يقين رکي ٿي، بدعنواني قوم لاءِ وڏو چئلينج آهي، معاشري جي سمورن طبقن جي اجتماعي ذميداري آهي ته هو بدعنواني جي حوصلا شڪني ڪن ۽ ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏين، نيب بدعنواني جي خلاف قدم کڻي هڪ قومي فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيب چيئرمين جاويد اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر چيو ته نيب ملڪ ۾ بدعنواني جي خاتمي لاءِ قومي فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ موثر قدم معاشري مان بدعنواني جي لعنت کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. اسپيڪر چيو ته موجوده حڪومت شفافيت ۽ احتساب جي فروغ تي يقين رکي ٿي، قوم کي بدعنواني هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، هن چيو ته معاشري جي سمورن طبقن جي اجتماعي ذميداري آهي ته هو بدعنواني جي ڪاررواين جي حوصلا شڪني ڪن ۽ ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪن. نيب چيئرمين سالياني رپورٽ 2020ع اسپيڪر کي پيش ڪئي ۽ کيس پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 2020ع ۾ نيب 323.29 ارب روپين جي وصولي ڪئي آهي، هن چيو ته نيب کي 24706 شڪايتون مليون آهن ۽ هن سال جي دوران 30405 شڪايتون اڪلايون ويون آهن جنهن ۾ گذريل سال جي التوا ۾ پيل شڪايتون به شامل آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته نيب 878 شڪايتن جي توثيق کانپوءِ 369 انڪوائريون ڪيون ويون ۽ 175 جاچ ڪئي وئي جڏهن ته احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنسز داخل ڪيا ويا، هن وڌيڪ چيو ته 2020ع دوران استغاثه جو مجموعي ڪاميابي جي شرح 66 سيڪڙو آهي، هن ٻڌايو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان، ورلڊ اڪنامڪ فورم، پلڊاٽ ۽ مشال پاڪستان جهڙين مشهور عالمي تنظيمن ڪرپشن جي خاتمي ۾ نيب جي ڪارڪردگي کي خصوصي طور تي ساراهيو آهي. نيب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ان اداري جو بدعنوان عنصرن جي خلاف جهاد ۽ سال 2020ع جي دوران 323.29 ارب روپين جي وصولي واکاڻ جوڳي آهي، هن هائوسنگ سوسائٽين جي متاثرين جي ٻڏل رقم جي واپسي لاءِ نيب چيئرمين جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن کي ساراهيو، هن چيئرمين کي معاشري مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ اداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.