اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناه) جي سيڪريٽري جنرل ثناءُ الله گهمن جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي. وفد دل جي بيمارين کان بچاءُ لاءِ آگاهي مهم، تربيت ۽ بيمارين جو سبب بڻجندڙ سببن جي تدارڪ بابت آگاهه ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ صحتمند سرگرميون ضروري آهن، سگريٽ نوشي ۽ شوگري ڊرنڪس سان صحت کي خطرا آهن. هن چيو ته بيمارين کان بچاءُ لاءِ پناه جي آگاهي واکاڻ جوڳي آهي. پناه جي سيڪريٽري جنرل ثناءُ گهمن چيو ته پناه 37 سالن کان اسڪولن، ڪاليجز يونيورسٽين، سرڪاري شعبن ۾ دل جي بيمارين کان بچاءُ لاءِ آگاهي فراهم ڪري رهي آهي، پناه، اچانڪ هارٽ اٽيڪ تي فوري طبي امداد جي تربيت به فراهم ڪندي آهي. ثناءُ الله گهمن مملڪتي وزير فرخ حبيب کي 2 ڏينهن واري انٽرنيشنل ڪانفرنس بابت به آگاهه ڪيو، پناه وفد ۾ پناهه جو نائب صدر ميجر (ر) غلام عباس ۽ مريم صديقه به شامل هئا.