اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار آهي، وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وجهندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ۽ انهن جي خاندانن کي سهولتن ۽ مراعتن جي فراهمي لاءِ حڪومت پرعزم آهي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ملڪي مٽاسٽا ناڻي ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير، اقتصادي معاملن وارو وزير، واپار وارو صلاحڪار، نيشنل سيڪيورٽي وارو خصوصي مددگار، روينيو ۽ ٻيا سينئر عملدارن شريڪ هئا. مٽاسٽا ناڻي جي اضافي ۽ ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سان ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران موڪليل رقم تي حڪومت پاران ڏنل مراعتن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ڪاميابي، ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي، خاص طور آءِ ٽي بابت روانگي واپار ۾ اضافي، غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ مختلف ترقياتي منصوبن جي حوالي سان مختلف ملڪن ۽ ادارن کان ٻطرفي معاهدن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي حوالي سان معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، اسٽيٽ بئنڪ پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مٽاسٽا جي ناڻي جي مد ۾ حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پرڪشش مراعتون ڏيڻ جي حڪومتي پاليسي جا چڱا خاصر ثمر برآمد ٿي رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي مد ۾ صرف 10 مهينن جي ٿوري عرصي ۾ هن وقت تائين 1.561 ارب ڊالر ملي چڪا آهن، ۽ ان ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 2018ع کان هن وقت تائين ڪورونا وبا جي باوجود مٽاسٽا جي ناڻي ۾ مسلسل اضافو سامهون آيو آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جو موجوده حڪومت جي پاليسين ۽ وزيراعظم عمران خان جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو مظهر آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ ”نيشنل ريميٽنس رائلٽي پروگرام“ کي جلد جاري ڪيو ويندو. ان پروگرام جي ذريعي هڪ موبائيل اپليڪيشن متعارف ڪرائي ويندي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو موڪلندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وڌيڪ مالي مراعتون فراهم ڪيون وينديون ان پروگرام کي جاري ڪرڻ پي آءِ اي ، ايف بي آر، نادرا، اسٽيٽ لائيف، او پي ايف، بينوولينٽ اينڊ اولڊ ايج ايمپلائيز فنڊ ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي سهڪار سان ڪيو ويندو. ان پروگرام سان جڙيل ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ڄاڻايل ادارن مان مراعتون ميسر اينديون. اجلاس کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، روشن پنهنجي گاڏي اسڪيم ۽ روشن سماجي خدمتن جي ڪاميابي جي حوالي سان بريفنگ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان ڏس ۾ ”روشن پنهنجو گهر“ اسڪيم کي به جلد جاري ڪيو ويندو. واپار واري صلاحڪار مختلف شعبن ۾ روانگي واپار ۾ امڪاني اضافي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، سيڙپڪاري بورڊ پاران ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومتي سطح تي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا ناڻي جو ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار آهي. وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وجهندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ انهن جي خاندانن کي سهولتون ۽ مراعتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت پُرعزم آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مٽاسٽا ناڻي جي ڏس ۾ وڌيڪ مراعتون فراهم ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي، معاشي ترقي ۽ وڌندڙ واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي ناڻي ۽ ٻين معاشي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مفصل ۽ منظم منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته مٽاسٽا ناڻي جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ مستقبل جا هدف مقرر ڪري انهن کي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي.