APP37-120621 KARACHI: June 12 - Federal Minister for Information and Broadcasting Fawad Chaudhry addressing during Pakistan International Film Festival at Frere Hall. APP Photo by Saeed Qureshi

ڪراچي – 12 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جيڪو ملڪ ترقي ڪري ٿو ان جي فلم، ڊراما ۽ ادب به ترقي ڪري ٿو، فلم، ڊرامي، گاني، فن ۽ ثقافت جي شعبن جي لاءِ سازگار ماحول جي ضرورت آهي، فلم ميڪرز کي ترڪيءَ ۽ نار رياستن خاص طور تي سعودي عرب تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، حڪومت فلم جي صنعت جي بحالي لاءِ جلد فلم پاليسي جاري ڪندي، ايندڙ 10 سال پاڪستان جي ترقي جا سال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽن ڏينهن واري انٽرنيشنل فلم فيسٽيول جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي سيٽلائيٽ جو زمانو آهي، اسان کي پاڪستان جي آرٽ کي دنيا آڏو کولڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن کان ٽيڪنالاجي آئي آهي مرد ۽ عورت ۾ فرق ختم ٿي ويو آهي، دنيا تبديل ٿي رهي آهي.