APP59-040621 ISLAMABAD: June 04 – Federal Minister for Economic Affairs Division Omar Ayub Khan, Provincial Minister for Local Government Khyber Pakhtunkhwa Akbar Ayub Khan, MPA Arshad Ayub Khan and Yousaf Ayub Khan called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هري پور ۾ سياحت جي فروغ، گهٽ لاڳت رهائش جي فراهمي ۽ ڊيجيٽل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ منصوبن جي تجويزن کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي وفاقي وزير عمر ايوب خان، اڪبر ايوب خان ۽ ارشد ايوب خان ۽ يوسف ايوب خان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملاقات ۾ سينيٽر فيصل جاويد پڻ موجود هو.