
اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال چونڊن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪامياب جوان پروگرام تحت 45 کان گهٽ عمر وارن وڪيلن کي 10 لک روپين تائين جو قرض فراهم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، بار ايسوسيئيشن جي اهم قانوني معاملن تي قائداڻو ڪردار اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن اسلام آباد ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن اسلام آباد جي وفدن سان ڳالهائيندي ڪيو.