اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا جي نون قانونن جو فائدو ميڊيا ورڪرز کي آهي، جيڪي پگهارون نه ملڻ تي پنهنجي ادارن جي خلاف عدالت سان رجوع ڪري سگهندا. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ان ترميم جي پهرين به مخالفت ڪئي ۽ هاڻي به ڪندا ڇو ته انهن جا مفاد ورڪرز سان نه سيٺين سان آهن.