APP45-220521 LAHORE: May 22 – Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhary Fawad Hussain talking to media persons at the residence of Malik Numan Ahmed Langrial Punjab Agriculture Minister at Zaman Park. APP photo by Rana Imran

لاهور – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف هڪ خاندان آهي، هر خاندان ۾ غلط فهمي ٿيندي رهندي آهي، عمران خان جي قيادت ۾ اسان سڀ متحد آهيون، مخالف ڌر کي غلط فهمي ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو، اميد آهي هاڻي مخالف ڌر جون جهمريون ختم ٿي وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نعمان لنگڙيال جي مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهانگير ترين ۽ سندس ساٿين جو موقف تفصيل سان ٻڌو، نعمان لنگڙيال سان ويجها لاڳاپا آهن، اسان جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ٿيندا آهن، ڪجهه مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ۾ رڪاوٽ به اچي وڃي ٿي پر وڏن معاملن تي اهي سڀ ماڻهو بلڪل واضح آهن ته تحريڪ انصاف اسان جي پارٽي آهي ۽ ان تي ڪنهن قسم جي ٻي راءِ نه آهي. هن چيو ته جهانگير ترين جي معاملي تي اڳ ۾ به اسان واضح موقف رکيو آهي، تحريڪ انصاف جي اندر نه ته جهانگير ترين کي اميد آهي ته عمران خان ان جي لاءِ ڪا غيرقانوني سفارش ڪندو ۽ نه ئي عمران خان جو اهو مزاج آهي.