APP42-180521 ANKRA: May 18 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi in a meeting with his Turkish counterpart, Mevlut Cavusoglu at Turkish Foreign Ministry. APP

اسلام آباد-18 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي انقره ۾ پنهنجي ترڪ هم منصب ميولوت چاوش اولو سان ملاقات ڪئي. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن فلسطين ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي جي خطاب ۽ پاڪستان طرفان مظلوم فلسطينين جي مسلسل حمايت ۽ ڀرپور حمايت کي ساراهيو.