APP39-280221 JEHLUM: February 28 – Prime Minister Imran Khan interacts with media after performing ground breaking of restoration project for Al-Beruni Radius at Nandna Fort. APP

جهلم – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن کي چئني موسمن، سمنڊ، اونچن پهاڙن، سالٽ رينج، سولائيزيشن ۽ تاريخي جاين جهڙن وڏن قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، سياحت سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، سياحت جي ڪاميابي ۾ مقامي ماڻهن جو وڏو ڪردار آهي. جهلم ضلعي جي نندانه قلعي ۾ موجود البيروني پوائنٽ (باغن والا ڳوٺ) ۾ ورثي ٽريل جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اسان جي تاريخي جاين ۽ قومي ورثي جو تحفظ به ايندڙ نسلن کي تاريخ کان آگاهه رکڻ ضروري آهي. هي منصوبو سياحت جي فروغ ۽ قومي سياحت جي حڪمت عملي 30 – 2020ع موجب وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي حصي طور شروع ڪيو ويو هو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص معاون ذوالفقار عباس بخاري، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا جي ڪا به قوم پنهنجي تاريخ کي ڄاڻڻ کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي تاريخي جاين ۽ عمارتن جي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسان جو آثار قديمه کاتو ڪجهه نه ٿو ڪري پاڪستان ۾ تاريخي جايون جهڙوڪ موهن جو دڙو ۽ هڙپه کي انگريزن دريافت ڪيو هو. وزيراعظم هڪ آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر صمد پاران هري پور ۾ 40 فوٽ جي ٻڌ جي دريافت کي ساراهيو ۽ ملڪ ۾ تاريخي جاين جي ڳولا لاءِ وڌيڪ قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سياحت جي فروغ سان گڏوگڏ مقامي علائقي جي ترقي جي لاءِ باغن والا کي ٻين سهولتن جهڙوڪ هوٽلن، ريسٽورانٽس وغيره جي ترقي سان جديد ڳوٺ بڻايو ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هن علائقي ۾ ابو ريحان البيروني تي ڪم ناهي ٿيو. ترقي يافته ملڪن ۾ ان تي ڪم ٿيو. هن چيو ته هر قوم پنهنجي تاريخي ورثي کي تحفظ ڏئي اڳتي وڌي آهي، تاريخي جاين جي حفاظت ايندڙ نسلن کي تاريخ کان آگاهي جي لاءِ ضروري آهي، ڪا قوم پنهنجي تاريخ جي موازني کانسواءِ اڳتي نه ٿي وڌي، البيروني تي ڪم سان علائقي جي ترقي ۽ ان کي سياحت جي تاريخي حيثيت طور دنيا جي نقشي تي آڻڻ ۾ مدد ملندي، اسان جي ڪوشش هوندي ته هتي ماڊل ويليج ٺاهيون، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ سياحتي جاين کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته سوئيٽزرلينڊ، ملائيشيا، سريلنڪا ۽ ترڪيءَ ۾ سياحن جي مقامي ماڻهن پاران مناسب سارسنڀال ڪئي وڃي ٿي، تنهن ڪري باغن والا جي ماڻهن کي به پنهنجي علائقي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ورثي جي ٽريل جي ملڪيت وٺڻي پوندي.