اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڀارت جي خلاف ڪارروائي ۽ ان کان جوابدهي ڪرڻ گهرجي، ڀارت عالمي انساني حقن ۽ انساني همدردي جي بنياد تي ڪم ڪندڙ تنظيمن سان گڏوگڏ عالمي ميڊيا کي سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ جي لاءِ والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ جي لاءِ پهچ ڏي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ يڪجهتي کي ورجايو آهي، جيڪي 5 آگسٽ 2019ع کان غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي پابندين جو شڪار آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت پاران انهن جي بنيادي انساني حقن جي پائمالي درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت کي ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ بند ڪرڻ گهرجي، عالمي انساني حقن جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن ۽ گڏيل قومن تحت هڪ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ذريعي خودمختياري جي حق جي لاءِ ڪشميرين سان ڪيل واعدي جو احترام ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام کي خودمختياري جي حق جي لاءِ انهن جي دليراڻي جدوجهد تي سلام پيش ڪري ٿو. والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي قدم مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته ڊوميسائيل جي حوالي سان غيرقانوني قانون جاري ڪرڻ، جائيداد جي قانون ۾ تبديلي ۽ اردو زبان جو درجو گهٽ ڪرڻ جهڙا قدم انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهن.