APP70-040221 ISLAMABAD: February 04 - President Dr Arif Alvi addressing the Kashmir Solidarity Day Ceremony, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا کي ڊگهي عرصي کان حل طلب ڪشمير تڪرار وسارڻ نه ڏينداسين، ڪشميرين پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، هاڻي انهن جي آزادي جي منزل پري نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اسان اڄ ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي جدوجهد جي لاءِ عظيم قربانين تي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، پوري دنيا ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کان آگاهه آهي. هن چيو ته ڊوگرا راڄ کان ڪشميري ظلمن جو شڪار آهن، ڪشمير کي 75 لک ۾ وڪرو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ پنهنجي خطاب ۾ ڪشميرين تي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن کي ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اها پنهنجا واعدا نه وساري، گڏيل قومن پنهنجي ڪيترين ئي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جو پيدائشي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، ڀارت پاڻ اهو معاملو گڏيل قومن ۾ کڻي ويو ۽ پوءِ پاڻ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کان انڪاري آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جو ڀارت سان الحاق ڪيو، ڪشمير جي آبادي کان وڌيڪ اتي ڀارتي فوج مقرر آهي، ڪشميري ڀارتي ظلمن جي خلاف مزاحمت ڪري رهيا آهن، اهي واعدي موجب پاڪستان سان الحاق چاهين ٿا. والاريل ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪيو پيو وڃي، نئين ڊوميسائيل ذريعي هندوتوا جي حامين کي ڪشمير ۾ رهايو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين، ڪشميرين جي پرامن جدوجهد جاري رهندي.