اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جو سڄو ڌيان عام ماڻهو کي رليف جي فراهمي تي آهي، ضرورت جي بنيادي شين ۾ غريب ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اٽي جي قيمتن سبب متاثر ٿيو آهي، تنهن ڪري ان حوالي سان سمورن ضروري انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن اها هدايت پنهنجي صدارت ۾ ٿيل ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير، اقتصادي معاملن واري وزير، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪاروباري برادري پاران معيشت جي حوالي سان حڪومتي پاليسين جي ڀرپور آجيان ڪئي پئي وڃي. انهن پاليسين جي ڪري ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ انهن کي ڪورونا جي باوجود به ڪاروبار ڪرڻ لاءِ موثر ماحول مليو.