
اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران قومي سلامتي، ملڪي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.