
اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جدت تي ٻڌل آئيڊياز ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڳانڍاپي سان ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ملڪ ۾ آءِ جي فروغ لاءِ بهترين ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻين شين جي ڀيٽ ۾ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ڪري سگهجي ٿو. انڊونيشيا ڪجهه سالن ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ بي مثال ترقي ڪئي. هن چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهي آهي، ان شعبي ۾ نوجوانن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته ماڻهن کي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي تائين پهچ ۾ تيزي آئي آهي. هن چيو ته سائنسي جدت تي ٻڌل آئيڊياز سان انسانيت ترقي ڪئي، نيوٽن ۽ گيليليو جهڙن عظيم سائنسدانن جي ذهنن ۾ اوچتو آئيڊياز آيا جنهن سان عالمي دنيا ۾ نئين دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته سر سيد احمد خان ننڍي کنڊ جي مسلمانن تي علم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ ريسرچ کي ڪمرشلائيزڊ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت سائنسي جدت تي ڀرپور انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ڪورونا وبا دوران وينٽي ليٽرز جي تياري شاندار ڪارڪردگي آهي. هن دعا ڪئي ته پاڪستان سندس زندگي ۾ دنيا جو مضبوط ترين ملڪ بڻجي اڀري. هن چيو ته جدت تي ٻڌل ڪنهن به آئيڊياز جي ڪري پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري سگهي ٿو. حڪومت پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ ڀرپور قدم کنيا آهن.