اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جا فرانس سان دوستاڻا لاڳاپا انتهائي اهم آهن، ان مقصد جي لاءِ فرانسيسي پاليسي ۽ فيصلا ساز ڌرين سان ويجها رابطا لازمي آهن. صدر اها ڳالهه فرانس لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير معين الحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ جي مفادن جي تحفظ لاءِ سفيرن جي ذميوارين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، انهن کي گهرجي ته هو پنهنجي سمورين صلاحيتن ۽ مهارت سان ڪم ڪندي ٻاهرئين دنيا ۾ ملڪ جو تاثر بهتر بڻائين ۽ ڏکين مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن.