اسلام آباد -30 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ تياريون جاري آهن. ٻي ٽيسٽ ميچ 4 فيبروري تي پنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيمون اڄ آچر ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي خاص اڏام ذريعي اسلام آباد پهچنديون. واضح رهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان آفريقا کي شڪست ڏني هئي. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 0-1 جي برتري حاصل آهي.