ڪراچي – 28 جنوري ( اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ حڪومت انساني سرمائي، غربت جي خاتمي، ڏڪار، روينيو موبلائيزيشن ۽ اقتصادي سڌارن تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي ساڻس گڏ آپريشنز مئنيجر ملنڊا گڊ ۽ سينئر آپريشن آفيسر آمنه راجا پڻ هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ناصر شاهه، اويس شاهه، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، صوبائي سيڪريٽري نجم شاهه، ڪاظم جتوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 3.25 بلين رپين جي 18 منصوبن تي بحث ڪيو ويو جن مان 1.64 بلين ڊالرن جا منصوبا جاري ۽ 1.605 بلين ڊالرن جا منصوبا پائيپ لائين ۾ آهن. وڏي وزير چيو ته موجوده مالي سال دوران 5 منصوبا بند ٿيڻا هئا جن ۾ 86 ملين ڊالرز جو سنڌ ايگريڪلچرل گروٿ پروجيڪٽ، 76 ملين ڊالرز جو سنڌ ايريگيشن ايگريڪلچر پراڊڪٽوٽي انهانسمينٽ پروجيڪٽ، 50 ملين ڊالرز جو پبلڪ سيڪٽر مينجمينٽ ريفارم، 187 ملين ڊالرز جو سنڌ انهانسڊ ريسپانس ٽو رڊيوس اسٽنٽنگ ۽ 86 ملين ڊالرز جو ڪراچي نيبرهڊ امپروومينٽ پروگرام (ڪي اين آئي پي) شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته ورلڊ بينڪ 461 ملين ڊالرز رپيا جاري ڪرڻ جو پابند آهي جن مان هيستائين 267.7 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ باقي 193.33 ملين رپيا اڃان جاري ٿيڻا آهن.