ٽنڊوآدم – 29 جنوري(اي پي پي) تاريخ ۽ ثقافت تي ڪم ڪندڙ تنظيم مهراڻ ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ويلفيئر سوسائٽي جي 13، 14 ۽ 15 مارچ تي ٽنڊي آدم ۾ ٿيندڙ پنجين سنڌ ثقافتي ميلي جي حوالي سان ڀاڳين، شوقينن ۽ استادن سان صلاح مشوري لاءِ پراڻي مال پڙي ۾ گڏجاڻي ٿي۔ جتي ڀاڳين ۔ شوقينن ۽ استادن شاهجهان جوڻيجو۔ آچر خاصخيلي۔ عاشق ساند۔ محمد خان ٻجورو۔ عبدالوهاب بروهي۔ معشوق چاڪراڻي۔مولابخش خاصخيلي۔ علي نواز ٿهيم۔ اعجاز خاصخيلي۔ يامين خاصخيلي۔ غلام نبي مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ جن گڏيل راءِ سان ميلي کي وڌيڪ ڪامياب ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته هن ميلي کي وڌ کان ڪامياب ڪري دنيا تائين سنڌ جي پيار ۔محبت، ريتن۔ رسمن رهڻين، ڪهڻين کي دنيا تائين عام ڪيو ويندو ۔ ميلي جي چيف آرگنائيزر آچر خاصخيلي ٻڌايو ته پنجن سالن کان هلندڙ سنڌ جو نج ثقافتي ميلو هر سنڌ دوست جو پنهجو ميلو آھي جيڪي هر سال اڻٿڪ محنت سان ڪامياب بڻائي سنڌ دوستي جو پيغام عام ڪيو ويندو آھي ۔ هن ٻڌايو ته ميلي ۾ گهوڙن۔ ڏاندن۔اٺن جي ڊوڙ۔ ملاکڙو۔ ڪوڏي ڪوڏي ۔ٻيلهاڙو ۔ چيڪلو۔ ونجهه وٽي راند ٻڪرين۔ مينهن جي نمائش۔ تعليمي مقابلا۔ زراعت ۔ تاريخي ۔سياحتي ۽ ثقافتي ماڳن قومي وسيلن جي مالڪي ۽ سنڌ جي ٻين معاملن تي پروگرام پڻ ٿيندا۔