APP71-301220 ISLAMABAD: December 30 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on energy sector. APP

اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته گهريلو صارفين لاءِ رليف ۽ صنعتن کي بنا رنڊڪ ۽ سستي بجلي جي فراهمي کي حڪومتي ترجيحن ۾ سرفهرست رکيو وڃي ۽ توانائي جي شعبي ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڊگهي مدي وارا سڌارا آندا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ توانائي شعبي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.