APP50-111220 ISLAMABAD: December 11 - Senator Shibili Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting along with Ali Amin Khan Gandapur, Federal Minister for Kashmir Affairs and Gilgit Baltistan addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته نواز شريف، آصف علي زرداري، 12 هون رانديگر مولانا فضل الرحمان ڪرپشن جا چيمپئن آهن، پئسن جي سياست ۽ ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي سياست متعارف ڪرائي ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر آهي، ان جي باوجود مخالف ڌر هٺ ڌرمي ڪري رهي آهي، مولانا فضل الرحمان جي خلاف ثبوت گڏ ٿي ويا آهن، اهي ماڻهو پنهنجي چوري بچائڻ جي لاءِ عوام کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو چيو ته (ن) ليگ جو اهو ئي طريقه واردات آهي، هن سدائين پنهنجي پارليامينٽ ميمبرن کي اهڙي طرح هراسان ڪيو آهي.