APP17-18 ISLAMABAD: February 18 – Federal Secretary for Information and Broadcasting Akbar Hussain Durrani being briefed by officials during his visit to Associated Press of Pakistan (APP) Headquarters. APP photo by Afzaal Chaudhry

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻي. هو قومي خابرو اداري اي پي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.