
اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڊيووس سميت هر عالمي فورم ۾ ڀرپور نمائندگي سان وزيراعظم عمران خان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ امن جي علمدار طور سامهون آيو آهي، دنيا عمران خان کي امن جي سفير جي لقب سان ڄاڻي ٿي، سندس اهي ڪاميابيون اصل ۾ پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام ۽ پارليامينٽ جون ڪاميابيون آهن، ڪراچي جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ملاقات ۾ ڪراچي جي ترقي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جيڪا سياسي پختگي ۽ سياسي استحڪام طرف مثبت اڳڀرائي آهي. هو پي آءِ ڊي ميڊيا سينٽر اسلام آباد ۾ جهنگ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي.