اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان پاڪستان ۾ ملائيشيا جي هاءِ ڪمشنر اڪرام بن محمد ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ سرڪاري نيوز ايجنسين اي پي پي ۽ برناما جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.