اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته مخالف ڌر جو پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ڪيل ٽي او آرز جي تياري جي باري ۾ ڊرافٽ هڪ شخص جي خلاف آهي جنهن جو مقصد احتساب نه آهي، پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جو ٽي او آرز جو تجويز ڪيل مسودو انتهاپسندي تي ٻڌل آهي ان مان هي ظاهر نٿو ٿئي ته هو احتساب چاهين ٿا.