APP46-21 KARACHI: October 21 - Prime Minister Imran khan chairing meeting to review Projects of Sindh Infrastructure Development Company at Governor House. APP Photo by Syed Abbas Mehdi

ڪراچي – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي پئڪيج ۾ شامل منصوبن تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان ڪرپشن جي ڪري صوبي جي عوام صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کان محروم آهي، ڪراچي جي شهرين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ پاران ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي.