APP59-01 ISLAMABAD: October 01 - President Dr. Arif Alvi addressing the certificate distribution ceremony of Saylani Mass IT Training Program, Faisalabad at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ رياست جي اهم ذميواري آهي، اسان سڀني کي ان نيڪ مقصد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، مديني جي رياست جي طرز تي اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، پاڪستان پنهنجو ڏکيو وقت ڏسي چڪو، اسان نئين پاڪستان طرف سفر ڪري رهيا آهيون، ملڪي ترقي جي لاءِ جديد علم ۾ مهارت لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ فيصل آباد جي آءِ ٽي شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.