APP01-25 ISLAMABAD: September 25 - President Dr. Arif Alvi addressing the meeting with Provincial Women Chambers of Commerce & Industries at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪم ڪندڙ عورتن کي ٻٽيون ذميداريون نڀائڻيون هونديون آهن، عورتن جي معاشي خودمختياري لاءِ انهن جي وارثت واري حق کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي، ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ عورتن جي خوشحالي انتهائي اهم آهي، ان سلسلي ۾ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي ويمن چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.