APP31-24 ISLAMABAD: September 24 – Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing at seminar on “Connecting with People on Social Media by NITB & Facebook” at NIC. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب ادارن ۾ ڪرپشن جي روڪٿام ۽ ميرٽ جي بالادستي لاءِ ادارن ۾ آٽو ميشن ۽ اي گورننس متعارف ڪرائي پئي وڃي، پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان سوشل ميڊيا جي سفر جو آغاز ٿي چڪو آهي، جعلي ۽ بوگس خبرن جي روڪٿام ۽ سوشل ميڊيا کي سگهه ڏيڻ لاءِ حڪومت موثر پاليسي آڻي رهي آهي، سرڪاري ادارن ۽ نئين نسل کي سوشل ميڊيا ۾ جدت کان آگاهي لاءِ تربيت جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. هو ڊجيٽل ميڊيا ورڪشاپ کي خطاب ڪري رهي هئي.