APP76-23 NEW YORK: September 23 - Prime Minister Imran Khan during a speaking event at Council on Foreign Relations (CFR). APP

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جنگ سان مسئلن جي حل تي يقين نه ٿو رکان، ان سان جيڪڏهن هڪ مسئلو حل ٿئي ٿو ته ڪيترائي ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا، سفارتڪاري ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حق ۾ آهيان، گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو ڪيس وڙهندس، صدر ٽرمپ سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ چوندس، صدر ٽرمپ سان ملاقات دوران افغان امن عمل ٻيهر بحال ڪرڻ جي کيس قائل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس، هندستان ۾ هندوبالادستي جو نظريو مهاتما گانڌي جي نظريي جو قتل آهي، اسلام رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو محمد صه جو اسلام آهي، جنهن ۾ سمورا انسان برابر حق رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هڪ يهودي مديني جي رياست جي سربراهه جي خلاف ڪيس ڪري سگهندو هو، چين ڪڏهن به پاڪستان جي پرڏيهي يا داخلي پاليسي ۾ مداخلت ناهي ڪئي. هو فارن ريليشن ڪائونسل جي بحث ۾ ڳالهائي رهيو هو.