APP18-20 ISLAMABAD: September 20 – President Dr. Arif Alvi in a meeting with Turkish Media Delegation, led by Prof. Dr. Halil Toker, who called on him at the Aiwan-e-Sadr on Friday. APP

اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جي ويڙهاڪ قيادت جو هٿ نيوڪليئر بٽڻ تي آهي جيڪو هندو بالادستي جي نظريي تي هلندي اقليتن تي ظلم ڪري رهي آهي، ان طرح هي نه رڳو علائقائي امن پر ڀارت جي پنهنجي معاشري جي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. هو ترڪ ميڊيا جي هڪ وفد سان ڳالهائي رهيو جنهن پروفيسر ڊاڪٽر حليل توڪر جي قيادت ۾ هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.