اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ليجنڊري ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالقادر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته عبدالقادر هڪ عظيم ليگ اسپنر ۽ ناليوارو ڪرڪيٽر هو، سندس لاڏاڻو ڪرڪيٽ جي لاءِ وڏو نقصان آهي.