APP40-01 ISLAMABAD: August 01 - Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing closing ceremony of 5th CPA Asia Regional Conference 2019. APP

اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڊگهي سماجي ۽ اقتصادي ترقي عورتن ۽ نوجوانن کي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ انهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ممڪن نه آهي، پارلياماني فورمن جي ذريعي عورتن، نوجوانن ۽ ايس ڊي جيز کي آئين ساز ادارن سان ڳنڍڻ سان جمهوري ثمر حاصل ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پنجين سي پي اي ايشيا ريجن ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي الوداعي خطاب ۾ ڪيو.