APP48-20 KARACHI: July 20 - President Dr. Arif Alvi addressing the ceremony regarding “Solar Energy” at Governor House. APP photo by Sahib Zaman

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان ٻاهرئين ملڪ مان سيڙپڪاري پڻ وڌي رهي آهي، متبادل توانائي وقت جي ضرورت آهي ان سان وڌندڙ توانائي جي طلب کي پورو ڪرڻ ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ شمسي توانائي جي حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.