اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سان القدس پارليامينٽ جي چار رڪني پارلياماني وفد جمعي ڏينهن حامد عبدالله حسين الحمر جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي سميت خطي جي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.