APP52-10 ISLAMABAD: June 10 - Advisor to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs Abdul Hafeez Shaikh addressing during launching ceremony of Pakistan Economic Survey 2018-19. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي اقتصادي سروي جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت زرعي شعبي جي واڌويجهه 0.9 سيڪڙو، صنعتي شعبي جي 1.4 سيڪڙو، خدمتن جي شعبي جي 4.7 سيڪڙو ۽ عبوري جي ڊي پي جي واڌويجهه شرح جو ڪاٿو 3.3 سيڪڙو، ٻيلن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 6.4 سيڪڙو، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح مائنس 1.6 سيڪڙو، ٿوڪ ۽ پرچون واپار جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.1 سيڪڙو، مواصلات جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.34 سيڪڙو، ريلوي جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 38.93 سيڪڙو، هوائي چرپر جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.38 سيڪڙو، روڊ ٽرانسپورٽ جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 3.85 سيڪڙو، ماليات ۽ بيمي جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.14 سيڪڙو، عمومي حڪومتي خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 7.9 سيڪڙو اضافو رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بجلي ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، اوڳاڙين واري مملڪتي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ۽ اقتصادي ٽيم جي ٻين ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ هلندڙ مالي سال 19 – 2018ع جي اقتصادي سروي جاري ڪندي ڪيو.