APP29-07 SIALKOT: June 07 - Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan addressing to party workers during Eid Milan party on late Thursday night at Village Dheera Snadha. APP Photo by Munir Butt

سيالڪوٽ – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان کي اڏوهي وانگر کائيندڙ ماڻهو عبرت جو نشان بڻجي ويا آهن ۽ استحصالي طاقتون پنهنجي منطقي انجام تي پهچي ويون آهن، اسان ٿاڻي ڪچهري جي ڪلچر کي تبديل ڪري رهيا آهيون. ڊيره سندا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مريم بي بي جو پاپا غريب عوام جو رت چوسي مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ هو اڄ جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي.