اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف اڳوڻي وفاقي وزير جنرل (ر) عبدالمجيد ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مرحوم عبدالمجيد ملڪ جون پيشيوراڻي ۽ سياسي خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.