APP81-24 KARACHI: May 24 - Prime Minister Imran Khan addressing a fund-raising event for Shaukat Khanum Memorial Cancer Hospital & Research Center. APP

ڪراچي – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم متحد ٿي هر قسم جي چئلينجن جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، پاڪستان الله جي وڏي نعمت آهي ان ۾ ڪنهن شيءَ جي کوٽ نه آهي اهو وقت پري ناهي جڏهن ماڻهو ٻاهران روزگار جي ڳولا ۾ پاڪستان ايندا، پاڪستان تي وڌيڪ ٻه مهينا مشڪل هوندا، شوڪت خانم اسپتال ۾ 75 سيڪڙو مريضن جو مفت علاج ڪيو ويندو آهي، هيستائين 25 سالن ۾ 40 ارب روپيا غريبن جي مفت علاج تي خرچ ڪيا ويا آهن. شوڪت خانم اسپتال لاءِ فنڊ ريزنگ افطار ڊنر کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جنهن وقت اسان شوڪت خانم اسپتال جو منصوبو شروع ڪيو ته ماڻهو چوندا هئا ته اها اسپتال نٿي ٺهي سگهي.